پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سوئيزر لينڊ جي عدالت آصف زراري کي سزا ڏني هئي

abid sher ali

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سوئيزر لينڊ جي عدالت آصف زراري کي سزا ڏني هئي، احتجاج اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي، عمران خان جي اي ٽي ايم مشين ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهي.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته  مخالف سياسي مقصدن لاءِ احتجاج ڪندا آهن، کين عوام جي تڪليفن جي ڪا به پرواهه ناهي.

هن چيو ته  مسلم ليگ نون  جي دور ۾ ڪميشن جي ڳالهه نه ٿيندي آهي، وزيراعظم نوازشريف پنهنجن ٽن نسلن جو جواب ڏئي چڪو آهي.

عابد شير علي چيو ته احتجاج اهي ڪري رهيا آهن جن پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي، ڦورن جي احتجاج ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن اسلام آباد واري جلسي ۾ ڪرسيون خالي هيون، لکين ماڻهن جي شرڪت جي دعويٰ غلط آهي.

عابد شير علي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*