پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان زمين جي تڪرار تان جوابدارن زال، مڙس ۽ سندس ٻن ٻارن تي تيزاب هاري ڇڏيو

wahari acid case

پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان زمين جي تڪرار تان جوابدارن  زال، مڙس  ۽  سندس ٻن ٻارن تي تيزاب هاري ڇڏيو، کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ 206 اي بي ۾ جوابدارن گهر  ۾ داخل ٿي نوراحمد سندس گهرواري مسمات شريفان، 10 سالن جي پٽ انيس احمد ۽ 7 سالن جي علي شير تي تيزاب هاري فرار ٿي ويا، جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ذريعن موجب نوراحمد جو پنهنجي عزيزن سان ملڪيت جو تڪرار هلي رهيو آهي، جنهن تان جوابدارن مٿن تيزاب هاري کين ساڙيو آهي.

پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*