پوليس ريڪروٽمينٽ بورڊ ۽ سنڌ اين ٽي ايس تحت سي ٽي ڊي ۽ آر آر ايف ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ 1507 اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

 police rqicment

پوليس ريڪروٽمينٽ بورڊ  ۽ سنڌ اين ٽي ايس تحت سي ٽي ڊي ۽ آر آر ايف ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ 1507 اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان سنڌ پوليس آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب پوليس ۾ ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد اين ٽي ايس پاران جاري ڪيل سي ٽي ڊي ۽ آر آر  ايف لاءِ ڏنل ٽيسٽ ۾ ڪامياب اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب آرآر ايف لاءِ 50562 اميدودرخواستون ڏنيون  جنهن مان 30821 اميدوار فزيڪل ٽيسٽ ۾ حصو ورتو ۽ 9410 اميدوارن تحريري امتحان لاءِ ڪامياب ٿيا.

ترجمان موجب تهريري امتحان ۾ ڪامياب 6025 اميدوارن مان 3097 انيدوارن 25 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون جنهن کي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو جنهن مان 120 اميدوارن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.

ترجمان موجب ڀرتي لاءِ مختلف ٽيشٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ فائنل لسٽ جاري ڪئي آئي آهي جنهن ۾ 1507 آساميون جي لاءِ ميڊيڪلز ليٽر جاري ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*