ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي صائمه ٽريڊ ٽاور ۾ لڳل باهه فائربرگيڊ عملي آخري درجي جي باهه قرار ڏيندي سڄي شهر مان فائر برگيڊ جون گاڏيون طلب ڪري ورتيون آهن

saima tower fire

ڪراچي جي  آءِ آءِ چندريگر روڊ تي صائمه ٽريڊ ٽاور ۾ لڳل باهه فائربرگيڊ عملي آخري درجي جي باهه  قرار ڏيندي سڄي شهر مان فائر برگيڊ جون گاڏيون طلب ڪري ورتيون آهن.

 فائر برگيڊ عملي موجب صائمه ٽريد ٽاور جي 15 منزل کي لڳل باهه وڏي 16 منزل تي پهچي وئي آهي جنهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ سڄي شهر جون فائر برگيڊ جون گاڏيون طلب ڪيون ويون آهن.

فائر برگيڊ عملي موجب باهه تي ضابطي آڻڻ لاءِ اسنارڪل جي ضرورت آهي جنهن کان پوءِ  باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ آساني ٿيندي.

 ميئر ڪراچي باهه واري عمارت جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  وزير اعليٰ کي ٽي ڀيرا پرپوزل موڪليو آهي جنهن جو ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو.

وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت کي خبر آهي ته  فائربرگيڊ جي حال پورو آهي، ڪراچي پوري ملڪ کي هلائي ٿو پر واپسي ۾ هن کي ڪجهه به نه ٿو ڏنو  وڃي.

هن چيو ته فائر فائيٽر وٽ ايتري مشينري موجود ناهي جو هو پاڻي عمارت جي آخري منزل تائين پهچائي سگهن، جيڪو هنن کا پڄي ٿو هو ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*