سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جڊيشل سسٽم ۾ وڪيلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي

saqib nisar chief justice

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جڊيشل سسٽم ۾ وڪيلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، قانون جي دائري ۾ رهي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته جڊيشل سسٽم جي ڪاميابي ڪنهن هڪ شخص جي ناهي، جنهن ۾ سڀني جو گڏيل ڪردار آهي.

 چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته وڪيلن جي سهڪار کانسواءِ ڪا به ڪوشش نتيجا ڏيندڙ ثابت نٿي ٿي سگهي،قانون ساڳيو آهي.

هن چيو ته ڪيسن کي جلد اڪلائڻ تمام گهڻو ضروري آهي، قانون ۾ تبديلي کانسواءِ به سٺو ڪم ڪري سگهجي ٿو.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جنهن ماڻهو جو حق کاڌو وڃي ان کان صبر ناهي ٿيندو.

سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس آف سعيدکوسا چيو ته ڪيس جو فيصلو ڪرڻ آئين سان گڏ مذهبي ذميواري به آهي.

هن چيو ته پراسيڪيوشن ۽ پوليس جي ذميواري آهي ته ڪيس جي جاچ دوران سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن.

آصف سعيد کوسا چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٻئي ادارا پنهنجيون ذميواريون بهتر نموني سان نه نڀائي رهيا آهن.

جسٽس آصف سعيد کوسا وڌيڪ جوابدارن کي هر صورت ۾ عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جيل سپرنٽينڊنٽ جي ذميواري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*