پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جمهوري طريقي سان چونڊيل وزيراعظم خلاف ڪو غلط ماڻهو ئي ڳالهائي سگهي ٿو

rana sanaullah

پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جمهوري طريقي سان چونڊيل وزيراعظم خلاف ڪو غلط ماڻهو ئي ڳالهائي سگهي ٿو، چريو ماڻهو ئي وزيراعظم سان سماجي بائڪاٽ جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته وزيراعظم نوازشريف کي عوامي مينڊيٽ حاصل آهي، ملڪ جي ڪروڙين عوام جمهوري طريقي سان وزيراعظم کي چونڊيو آهي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان چئن سالن تائين ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙو آهي، عمران خان فسادي قسم جو ماڻهو آهي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان وٽ چونڊ وڙهڻ  لاءِ ماڻهو ناهن، عمران خان آخري سال به ضايع ڪري ڇڏيندو.

هن چيو ته عمران خان کي چوٿين شادي ڪرڻ گهرجي پر هن سان هاڻي شادي ڪندو ڪير؟

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان فضول ڳالهيون ڪندو رهي ٿو، فيصل آباد ۾ 33 تڪ آهن، ڪٿي به عمران ڪامياب نٿو ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*