سنڌ پوليس ۾ ٿيل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ٿي آهي

ATC Karachi

سنڌ پوليس ۾ ٿيل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ٿي آهي، عدالت پاران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي 6 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي.

پوليس ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

نيب وڪيل عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ايس آر پي ۾ بغير جسماني ۽ لکت واري ٽيسٽ جي ڀرتيون ڪيو ويون، جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*