بين الصوبائي رابطن واري وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ رياض پيرزاده چيو آهي ته نوازشريف جو سپاهي آهيان ۽ ان جو ئي رهندس

riaz pirzada

بين الصوبائي رابطن واري وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ رياض پيرزاده چيو آهي ته نوازشريف جو سپاهي آهيان ۽ ان جو ئي رهندس، آصف زرداري سان رابطن وارن خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض پيرزاده چيو ته وزيراعظم نوازشريف سان ڪا به ناراضگي نه آهي، استعيفيٰ وزيراعظم جي اسٽاف جي غلط رويي سبب ڏني  آهي.

رياض پيرزاده وڌيڪ چيو ته آصف زرداري سان رابطن واري خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، منهنجي وزارت تان استعيفيٰ کي سياسي معاملو نه بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*