وزيراعظم نوازشريف ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ تي عمل ڪندي خصوصي معاون طارق فاطمي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

dawn leaks report

وزيراعظم نوازشريف ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ تي عمل ڪندي خصوصي معاون طارق فاطمي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، پرنسيپل اسٽاف آفيسر رائو تحسين خلاف  کاتي تحت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

 وزيراعظم نواز شريف ڊان اخبار، ايڊيٽر ۽ صحافي سر الميڊا وارو معاملو اي پي اين ايس حوالي ڪرڻ سان گڏ هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ضابطا اخلاق جوڙيو وڃي.

وزيراعظم ڪميٽي رپورٽ جي 18هين پيرا جي منظوري ڏيندي پرنسيپل اسٽاف آفيسر رائو تحسين خلاف محڪماتي ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته رائو تحسين خلاف ڪارروائي 1973ع جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته قومي سلامتي بابت رپورٽنگ صحافتي قدرن موجب ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*