ڪڍڻ ويجهو جوابدارڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڄائي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪڍڻ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڄائي کي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ سينگاري ۾ جوابدار ولي محمد بروهي ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي ڀاڄائي ياسمين بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ صحت مرڪز منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*