مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاگرد مشال قتل ڪيس جي مک جوابدار عمران کي پيش ڪيو ويو
مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاگرد مشال قتل ڪيس جي مک جوابدار عمران کي پيش ڪيو ويو، جتي جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار عمران چيو ته مشال خان توهين مذهب ڪئي هئي، يونيوسٽي انتظاميه به مشال جي قتل ۾ ملوث آهي.
جوابدار عمران چيو ته مشال خان جي خيالن سان اختلاف هو، هاسٽل کان مشال خان جو پيڇو ڪيو.
عمران بيان ۾ چيو ته مان هاسٽل نمبر هڪ وٽ پهتس ته ماڻهو مشال تي تشدد ڪري رهيا هئا، مشال ڀڄڻ لڳو ته مون کيس گولي هڻي قتل ڪيو.