وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جيڪڏهن ڪم ڪندا رهياسين ته مخالف ايندڙ چونڊن ۾ به فارغ هوندا

pm okara

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جيڪڏهن ڪم ڪندا رهياسين ته مخالف ايندڙ چونڊن ۾ به فارغ هوندا، انهن جي نصيب ۾ احتجاج ۽ اسان جي نصيب ۾ عوام جي خدمت آهي، اهي احتجاج ڪندا رهندا ۽ اسان عوام جي خدمت.

اوڪاڙا ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، واندا ناهيون ويٺا، مخالف اسان جون ڄنگهون ڪڍڻ ۾ پورا آهن ۽ اسان عوام خدمت ڪرڻ ۾ پورا آهيون.

هن چيو اسان روڊ ۽ رستا ٺاهي رهيا آهيون ۽ هو رستا ماپڻ ۾ پورا آهن، اسان ايئن ڪم ڪندا رهياسين ته مخالف 2018 اليڪشن ۾ فارغ ٿي ويندا.

وزيراعظم چيو ته بجلي سستي پيا ڪريون ته جئين آبادگار کي ٽيوب ويل هلائڻ لاءِ سستي اگهه ۾ بجلي ملي ۽ هو پنهنجو فصل ڀرپور انداز ۾ پوکي سگهي.

هن چيو ته ساهيوال ۾ ڪوئلي مان بجلي تيار ڪندڙ ڪارخانو ٺهي رهيو آهي، پورٽ قاسم ۾ 1300 ميگاواٽ جو منصوبو مڪمل ٿيڻ وارو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي وارو عمل تيز ٿيندو.

ان موقعي تي وزيراعظم اوڪاڙهه جي هڪ سئو ڳوٺن ۾ 50 ڪروڙ جي لاڳت سان گئس پهچائڻ جو اعلان ڪرڻ سميت لوڪل باڊيز جي مسئلن جي حل لاءِ 50 ڪروڙ رپين جو ٻيو به اعلان ڪيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*