پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته، جيڪڏهن جي آءِ ٽي وزير اعظم نواز شريف کي ڪلين چٽ ڏني

ajiz dhamra

پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته، جيڪڏهن جي آءِ ٽي  وزير اعظم نواز شريف کي ڪلين چٽ ڏني، ته پوءِ ججن جي رمارڪس جو ڇا ٿيندو، ڇا ٻه جج  عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏيندا..؟

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه جو چوڻ هو ته،  ڇا جي آءِ ٽي پاران وزير اعظم جي حق ۾ رپورٽ ڏيڻ جي صورت ۾، ججن جو عهدن تي رهڻ جو جواز هوندو..؟

هن  پاناماليڪس معاملي بابت آيل فيصلي کي اهم فيصلو ڪوٺيندي چيو ته  وزير اعظم نواز شريف صاف ۽ شفاف جاچ لاءِ حڪم ڏئي.

عاجز ڌارمراهه چيو ته هو جي آءِ ٽي ۽ ڊان ليڪس  تي عدم اطمينان جو اظهار ڪن ٿا، ڊان ليڪس رپورٽ سرڪار ۽ وفاقي گهرو وزارت جي  مرضي سان ليڪ ٿي ۽ نواز شريف خلاف ڪڏهن به فيصلو نه ايندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*