باڊهه ۾ آبادگارن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

badah abadghar

باڊهه ۾ آبادگارن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادرگارن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن ڪامريڊ قادر بورهي، گدا حسين تنيو، نويد ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب باڊهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ آيل بارداڻي جون هزارين ٻوريون خوراڪ کاتي جي عملدارن آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن.

هنن الزام هنيو ته خوراڪ کاتي جا عملدار بارداڻو ڏيڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته بارداڻي جي ورڇ بابت جاچ ڪرائي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*