شهدادپور ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي سلسلي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
شهدادپور ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي سلسلي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ شريڪ مقررين جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي معيار ۾ سڌارو آيو آهي،تنهن ڪري والدين کي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ گهرجي.
تعلقه ايجوڪيشن آفيسر لياقت علي چانڊيو پي ٽ الف جي اڳواڻ خميسي زرداري بدر ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بوائز پرائمري اسڪول کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.
ان موقعي تي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر لياقت علي چانڊيو ،۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي انرولمينٽ نه هجڻ سبب گهربل نتيجا نه ملي رهيا آهن.
هنن چيو ته موجوده سرڪار جي ڪاوشن سان سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي معيار کي بهتر ڪيو ويو آهي……