عمرڪوٽ ۾ زمين تي مبينا قبضي ۽ عورتن تي تشدد خلاف ڀيل برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

umer kot

عمرڪوٽ ۾ زمين تي مبينا قبضي ۽ عورتن تي تشدد خلاف ڀيل برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جاني داس ڪالوني جي رهواسين موهن ڀيل، لقمان، شريمتي حنيفان، سومران ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي هنن دانهيندي چيو ته بااثرن عرس کاڙت، محب مڱريو، احمد راهمون ۽ ٻين سندن زمين تي قبضو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته با اثر ماڻهن جي ظلم سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس مخالف ڌر سان گڏ مليل آهي.

هنن وسوارن کي اپيل ڪئي ته سندن زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين انصاف ڏياريو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*