گڊو ويجھو زميني تڪرار تان مزاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا

guddu zameen takrar

گڊو ويجھو زميني تڪرار تان مزاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

ڳوٺ محمد شريف مزاري ۾ مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

گڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ زخمين کي واپڊا اسپتال گڊو منتقل ڪيو.

گڊو پوليس جھيڙي ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*