وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن ڪائونسل جو 31 هون اجلاس جاري آهي

Nawaz-Sharif-Cabnet-2317

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن ڪائونسل جو 31 هون اجلاس جاري آهي، سنڌ حڪومت سي سي آءِ اجلاس ۾ مڪمل تياري سان شريڪ آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، ڪي پي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ثناءَ  الله زهري سميت ٻيا وفاقي وزير شريڪ آهن.

ذريعن موجب وڏو وزير مراد علي شاهه گڏيل مفادن ڪائونسل جي اجلاس ۾ 91 واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ ڪري سنڌ کي پهتل نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ گئس فراهمي ۽ آدمشماري بابت سنڌ جي خدشن کان آگاهه ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل مفادن ڪائونسل واري اجلاس ۾ بجلي، گئس، آدمشماري، مالياتي معاملن سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو  پيو وڃي.

ذريعن موجب گڏيل مفادن ڪائونسل جي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو قومي  پاڻي پاليسي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته فسڪل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو پڻ امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*