ملير، سانگهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ وڪيل اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ اي ايس پي گهوٽڪي پاران ٻن شاگردياڻين جي توهين واري واقعي خلاف اڄ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي

Sindh-Bar-Protest-2517

ملير، سانگهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ وڪيل اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ اي ايس پي گهوٽڪي پاران ٻن شاگردياڻين جي توهين واري واقعي خلاف اڄ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين قربان ملاڻو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملير، سانگهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ وڪيل اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ اي ايس پي گهوٽڪي پاران ٻن شاگردياڻين جي توهين وارن واقعن کان سنڌ جا وڪيل لاتعلق نه ٿا رهي سگهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وڪيلن خلاف داخل ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ اي ايس پي گهوٽڪي آصف بهادر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*