پاڪ-ڀارت عسڪري اختيارين ۾ هاٽ لائين تي رابطو ٿيو آهي، آءِ ايس پي آر

ISOR-Ghafoor-2517

پاڪ-ڀارت عسڪري اختيارين ۾ هاٽ لائين تي رابطو ٿيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب راولاڪوٽ ۽ پُڇ سيڪٽر جي ڪمانڊرن ۾ هاٽ لائين تي رابطو ٿيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان پاران فائربندي معاهدي تي عمل ڪرڻ بابت ڀارت کي آگاهه ڪيو ويو، ڀارت کي ٻڌايو ويو ته ڀارتي ميڊيا غيرضروري الزام لڳائي رهي آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اڄ پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جي هاٽ لائين تي رابطي جو به امڪان آهي، ڀارت کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارت کي ٻڌايو ويو ته ڀارتي فوجي لاش جي بيحرمتي وارن خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ڀارتي ميڊيا غير ضروري شين کي هوا ڏئي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*