مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاه ۽ شاه محمود قريشي ۾ ملاقات

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه ۽ تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي وچ ۾ ملاقات جاري آهي، جنهن دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت ڪئي پئي وڃي.

سپريم ڪورٽ پاران مستقل چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڏنل مهلت ويجهو ايندي ئي حڪومت ۽ مخالف جماعتن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان سلسلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، خورشيد شاهه اڄ قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو سان پڻ ملاقات ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*