حيدرآباد ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڊاڪٽرن ۽ عملي مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڊاڪٽرن ۽ عملي مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڊاڪٽرن ۽ عملي مطالبن جي مڃتا ۽ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب حيدرآباد آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر پير منظور، لالا جعفر ۽ ٻين چيو ته هنن پنهنجا 16 مطالبا پيش ڪيا هئا جيڪي مڃيا ته ويا آهن پر انهن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ داڪٽرن کي ٽارگيٽ ڪري کين قتل ڪيو پيو وڃي، اهڙي سازش ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مڃيل مطالبن تي فوري طور عمل ڪري ڊاڪٽرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*