اسلام آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 34 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Islamabad-Police-2517

اسلام آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 34 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اسلام آباد جي ٿاڻي لوهي ڀير واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 4 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

پوليس موجب ڪارروائي دوران هڪ نائن ايم ايم پسٽل، 3 رپيٽر ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

مردان جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 30 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي پي او ميان سعيد چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس 350 گهرن جي سرچ آپريشن دوران 30 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته پوليس سرچ آپريشن دوران 7 ڪلاشنڪوف، 12 پسٽل سميت ٻيا هٿيار هٿ ڪيا آهن.

ڊي پي او ميان سعيد وڌيڪ چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*