روهڙي پوليس مختلف ڪيسن ۾گھربل جوابدار کي مبينا مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

rohri

روهڙي پوليس مختلف ڪيسن ۾گھربل جوابدار کي مبينا مقابلي بعد  زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرڻ  جي دعويٰ ڪئي  آهي.

روهڙي جي علائقي لوڪو شيڊ ۾پوليس مبينا مقابلي ۾ عبدالجبار اوڍي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري، سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

روهڙي پوليس موجب لوڪوشيڊ واري علائقي ۾ ٽن  ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار عبدالجبار اوڍو زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري وٽانئس پسٽل ۽گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس ٻڌايو ته زخمي ٿيل جوابدار جاساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا،جن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*