ٺري ميرواھ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن سندن ساٿي کي مار ڪٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

setarja uni pro

ٺري ميرواھ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن سندن ساٿي کي مار ڪٽ ڪندڙ  جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن جميل يوسف لغاري، ياسين، منٺار شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سيٺارجا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هوته  ھفتو اڳ پوائنٽ ۾ سيٽ جي معاملي تان ھڪ شاگرد جي حمايتي 25  کان وڌيڪ ماڻھن شاگرد ساعت ڪٻر کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

ھنن چيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي با اثر ڌرين جي پٺڀرائي حاصل آهي، انڪري پوليس ڪنھن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

شاگردن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*