سنڌهاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي

Ig-Sindh-AD-Khuwaja-17317

سنڌهاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي سپريم ڪورٽ جي ڏنل مصطفيٰ ڪيس واري فيصلي تي تياري ڪري سڀاڻي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس منيب جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار جي وڪيل فيصل صديقي جي بيماري سبب سندس جونيئر عدالت کي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

ايڊوڪيٽ جنرل پهريون ڀيرو عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ ۾ ورڪنگ رليشن شپ ناهي رهي، جنهن ڪري امن امان جا معاملا متاثر ٿي رهيا آهن، معمولي ٻڌڻي جي ڪيس ۾ اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جزوي ٻڌڻي جو ڪيس آهي، درخواست گذار کانسواءِ ڪيس کي اڳتي ڪيئين ٿو وڌائي سگهجي.

عدالت ، اي ڊي خواجا جي اسٽي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي.

عدالت چيو آهي ته ٻئي ڌريون سپريم ڪورٽ جي مصطفيٰ ڪيس واري فيصلي بابت سڀاڻي تياري ڪري اچن، جنهن جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته مصطفيٰ ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ سميت صوبائي ڪامورن جي مقرري بابت وفاق ۽ صوبن جي اختيارن جو تعين ٿيل آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*