ميرپور ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن طرفان داد لغاري پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Mirpurmathelo

ميرپور ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن طرفان داد لغاري پوليس جي  مبينا زيادتين خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ غلام حسين لغاري سان تعلق رکندڙ موچي برادري جي ماڻهن غلام حيدر موچي، يونس موچي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ٻئي ڏينهن به داد لغاري پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته داد لغاري پوليس ٻه ڏينهن اڳ سندن 4 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري رشوت وٺي پوءِ آزاد ڪيو.

هنن چيو ته پوليس اڄ وري بنا سبب ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سندن گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*