گجي ۾ بجلي بند هئڻ خلاف شهرين طرفان شٽر بند هڙتال ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيوويو

thatta pro light

گجي ۾ بجلي بند هئڻ خلاف شهرين طرفان شٽر بند هڙتال ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيوويو.

گجي ۾ هفتي کان بجلي جي لاڳيتي بندش خلاف دڪاندارن ۽ ٻين شهرين سمورو ڪاروبار بند رکي شمس ميمڻ، جبار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو.

شهرين جي احتجاج دوران ڪراچي-ٺٽو قومي شاهراهه تي ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته حيسڪو عملي شهر جي بجلي بنا ڪنهن سبب جي بند ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته ستن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ شهر ۾پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي بحران کان نجات ڏياري وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*