لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جوهي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جوهي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو.

وارهه جي ڳوٺ محمد ابراهيم چانڊيو جي رهواسي ڳوٺاڻن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نور حسن چانڊيو، غلام فاطمه چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي نوجوانن جي والده غلام فاطمه چانڊيو الزام هڻندي چيو ته جوهي پوليس سندس ٻن پٽن صابر چانڊيو۽ ابراهيم چانڊيو کي بنا ڪنهن ڪيس جي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ گم ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٻنهي نوجوانن کي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي کين ظاهر ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*