ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ بعد وزيراعظم نوازشريف پاران هٽايل خصوصي معاون طارق فاطمي سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

tariq-fatmi-304016

ڊان ليڪس جي جاچ رپورٽ بعد وزيراعظم نوازشريف پاران هٽايل خصوصي معاون طارق فاطمي سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، طارق فاطمي چيو آهي ته الزامن تي سخت صدمو رسيو آهي، الزامن جي جاچ لاءِ هر فورم تي پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.

وزيراعظم جي نالي لکيل خط ۾ طارق فاطمي چيو ته جاچ ڪميٽي پاران مون تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، اهي بي بنياد آهن.

طارق فاطمي خط ۾ چيو ته جيڪو ماڻهو ڪافي سالن کان ملڪ جي خدمت ڪندو رهي ان ماڻهو تي اهڙي قسم جا الزام لڳائڻ تڪليف ڏيندڙ آهن.

طارق فاطمي خط ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڪيترائي چئنلنجز درپيش آهن ان جي باوجود قومي مفاد جي بهتري ۽ تحفظ لاِءِ ڪم ڪندو رهيو آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*