سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي

mariyam aranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ايبٽ آباد ڪميشن رپورٽ کي سڪيورٽي خدشن سبب پڌرو نٿو ڪري سگهجي.

ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وقت اچڻ تي حڪومت ايبٽ آباد رپورٽ پڌري ڪري سگهي ٿي.

 مريم اورنگزيب چيو ته ويج بورڊ صحافين جو قانوني حق آهي، جيڪو کين ملڻ گهرجي، صحافين  جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته ن ليگ جي دور ۾ لڳايل بجلي جا منصوبا ماضي ۾ نه لڳايا ويا هئا، حڪومت تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جو ڪوڙو نعرو ملڪ ۾ ترقي کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*