ٺل ۾ نادرا جي مبينا زيادتين خلاف ايس يو پي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Thul

ٺل ۾ نادرا جي مبينا زيادتين خلاف ايس يو پي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڪارڪنن نادرا عملي جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي آصف ٻرڙي، لياقت سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن الزام هڻندي چيو ته  نادرا عملي  رشوت وٺڻ لاءِ ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي مختلف علائقن کان نادرا سينٽر ايندڙ ماڻهن کي رلائي تنگ ڪري کائن هر ڪم تي رشوت وصول ڪن ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته نادرا سينٽر جي عملي خلاف قدم کڻي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*