پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير بابت ڀارت جو موقف رد ڪري چڪي آهي

sartaj aziz

پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير بابت ڀارت جو موقف رد ڪري چڪي آهي ۽ ڀارتي حڪومت  ڪشمير ۾ ظلم بابت پنهنجو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي.

سرتاج عزيز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هميشه ڪشمير مسئلي جي حل وارن بيانن جي آجيان ڪئي آهي.

وزير اعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ عالمي برادري ڀارتي دعوي کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.

سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪشمير مسئلي بابت ترڪ صدر رجب اردگان جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جو ڀارتي جمهوريت تي اعتماد ختم ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*