چمبڙ ۾ گرمي جي سٽ نه سھندي ھڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا

chamber

چمبڙ ۾ گرمي جي سٽ نه سھندي ھڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر هرکا رام چيو  آهي ته  مسمات خيران ۽ سائين بخش  لغاري کي گرمي جو اثر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

شهر جي بس اسٽينڊ وٽ 50 ورھين جي مسمات خيران لغاري ۽ بئنڪ ٻاهران بيٺل 40 ورھين جو سائين بخش لغاري سخت گرمي بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي فوت ٿي ويا.

 تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ھرکارام موجب ٻئي ڄڻا اسپتال پھچائڻ کان اڳ فوت ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر هرکا رام چييو ته ٻنهي ڄڻن کي گرمي جو اثر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*