ڌانڌلي ثابت نه ڪري سگهڻ تي عمران خان وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي پرويز رشيد

سڌ سماءُ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان سمجهي ٿو ته خيبر پختونخواهه کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون، اسيمبلين کي جعلي ۽ سينينٽ کي صحيح سمجهي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان جو ڪو به قصور نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس صلاحڪار ۽ مشير ئي کيس رسوائي جو منهن ڏيکاري مٿس ماڻهو کلائي رهيا آهن.

هن چيو ته جنهن اليڪشن ڪميشن خلاف عمران خان هٿ ڌوئي ڪڍ پئجي ويو هو، هاڻي انهي کان ئي انصاف جي اميد پيو رکي.

پرويز رشيد چيو ته ڌانڌلي ثابت نه ڪري سگهڻ تي عمران خان وائڙائپ جو شڪار ٿي حوال ڪري رهيو آهي، کيس سُرت کان ڪم وٺڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*