پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ قاف ليگ اڳواڻ پرويز الاهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي

pervaiz elahi

پنجاب جي اڳوڻي  وڏي وزير ۽ قاف ليگ  اڳواڻ  پرويز الاهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ لاءِ  ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو ان جو نالو تبديل ڪري پاڪستان ڊيم رکيو وڃي، حڪمرانن اقتدار لاءِ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي ۽ بجلي جو سودو ڪيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز الاهي چيو ته  ڪالاباغ ڊيم جي لاڳت 9 ارب ڊالرز آهي، ان جي مڪمل ٿيڻ سان بجلي 2کان 3 رپيا في يونٽ ملي سگهي.

پرويز الاهي چيو ته ڀاشا ڊيم 12 سالن ۾ ۽ ڪالاباغ ڊيم 6 سالن ۾ مڪمل ٿي ٿي سگهي ٿو، حڪمرانن اقتدار لاءِ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي ۽ بجلي جو سودو ڪيو آهي، شهباز شريف رڳو ڪميشن ٺاهڻ ۾ پورو آهي.

هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ سبب ٻوڏ تباهي مچائي آهي ۽ گذريل سال نوشهره به ٻوڏ سبب ٻڏي ويو.

پرويز الاهي چيو ته نواز شريف پنهنجي دوست نريندر مودي خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهائيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*