افغانستان ۾ ڊرون حملي ۽ آپگهاتي حملي ۾ 14 دهشتگردن سميت 22 ڄڻا مارجي ويا

Afghan-Blast-3517

افغانستان ۾ ڊرون حملي ۽ آپگهاتي حملي ۾ 14 دهشتگردن سميت 22 ڄڻا مارجي ويا، افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾ ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

افغان ميڊيا موجب ننگرهار صوبي تي آمريڪي ڊرون داعش جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

ٻئي طرف ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.

Kabul-Blast-3517

پرڏيهي خابرو اداري موجب آپگهاتي ڌماڪي ۾25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نيٽو گاڏين ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو آهي، واقعي کان پوءِ سڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*