نون ليگ حڪومت رائٽ ٽو انفارميشن قانونسازي ۾ بنا جواز دير ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ صحافين گڏجي آمرن خلاف جدوجهد ڪئي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-24217

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نون ليگ حڪومت رائٽ ٽو انفارميشن قانونسازي ۾ بنا جواز دير ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ صحافين گڏجي آمرن خلاف جدوجهد ڪئي، صحافت جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي جمهوريت کي ڪمزور ڪندي.

صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي آمريت ۽ بدترين ميڊيا ٽرائل باوجود هميشه صحافت جي آزادي جي حامي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۽ صحافين گڏجي آمريتن خلاف جدوجهد ڪئي، ن ليگ حڪومت رائٽ ٽو انفارميشن قانونسازي ۾ بلا جواز دير ڪري رهي آهي،

هن چيو ته پيپلزپارٽي صحافت ۽ صحافي برادري جي تحفظ جي جدوجهد ۾ اڳڀري رهي آهي.صحافت تي پابندي سان معاشري ۾ اڻ برابري کي به هٿي ملندي.

پ پ چيئرمين چيو ته صحافت لاءِ مثالي ماحول ۽ ميڊيا لٽيريسي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، پيپلزپارٽي جا ميمبر لاڳاپيل قانون جي هر فورم تي حمايت ڪندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافت جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي جمهوريت کي ڪمزور ڪندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*