ملڪ ۾ سياسي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف

Shahbaz-sharif-81116

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري  آهي، ذاتي مفادن لاءِ ڏڦيڙ واري سياست ڪندڙ ملڪ ۽ قوم سان دشمني ڪري رهيا آهن.

ايم اين اي غلان بي بي سان ملاقات بعد ڳالهائيندي شهباز شريف چيو آهي ته ڪجهه سياستدان ذاتي ايجنڊي جي لاءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي. ملڪ ڪنهن به صورت ۾ ڇڪتاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته رڪاوٽن باوجود ملڪي ترقي جي منصوبي کي اڳتي وڌايو پيو وڃي، سندن حڪومت هميشه قومي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ذاتي مفادن واري سياست ڪندڙ ملڪ ۽ قوم سان دشمني ڪري رهيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*