ڪنڌڪوٽ ويجهو اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي ڪار هٿ اچڻ بعد پوليس ڪچي واري علائقي ڏانهن رواني ٿي وئي آهي

Kandkot-Map-Sindh-3517

ڪنڌڪوٽ ويجهو اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي ڪار هٿ اچڻ بعد پوليس ڪچي واري علائقي ڏانهن رواني ٿي وئي آهي،  مغوي نوجوانن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

غوثپور واري علائقي مان هٿياربند نوجوان وڪاش، ڪانتيش ۽ گرنو کي اغوا ڪيو، رستي تي گرنو کي ڇڏي وڪاش ۽ ڪانتيش کي کڻي ويا.

پوليس مختلف رستن تي ناڪابندي ڪري مغوين نوجوانن جي ڪار هٿ ڪري ورتي، پوليس نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي ڏانهن رواني ٿي وئي آهي.

اغوا ٿيل نوجوانن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، شهرين اغوا جي وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته نوجوانن کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*