سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خصوصي بينچ پاناما ڪيس جي فيصلي تي عمل درآمد لاءِ ڪيس جي کليل ٻڌڻي اڄ ڪري رهي آهي

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خصوصي بينچ پاناما ڪيس جي فيصلي تي عمل درآمد لاءِ ڪيس جي کليل ٻڌڻي اڄ ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار محمد علي کي خاص بينچ جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي خصوصي بينچ اڄ ڏيڍ وڳي کليل عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

بينچ جي ٻين ميمرن ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجاز الحسن به شامل آهن.

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ پاناما ڪيس جو فيصلو 20 اپريل تي ٻڌايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*