سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه 182رپيا نه ملڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر، زراعت واري سيڪريٽري ۽ 25 شگر ملرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آبادگار اڳواڻ ڊاڪٽر نديم قمر ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو پر 25 شگر ملون فيصلي تي عمل نه ڪري رهيون آهن، جنهن سان آبادگارن تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي.

آبادگارن اهڙي درخواست تي چيف سيڪريٽري، زراعت واري سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر ۽ 25 شگر ملرز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو هو پر 34 شگر ملز مان رڳو 9 شگر ملون سرڪاري اگهه تي خريداري ڪري رهيون آهن پر باقي 25 شگر ملون سنڌ سرڪار جي حڪم کي ٿڏي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*