ڏوڪريءَ ۾ پوليس پاران انٽر جي شاگرد غلام مرتضيٰ ڏيري کي گرفتار ڪري مبينا طور هاف فراءِ ڪرڻ خلاف مختلف تنطيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

dokri

ڏوڪريءَ ۾ پوليس پاران انٽر جي شاگرد غلام مرتضيٰ ڏيري کي گرفتار ڪري مبينا طور هاف فراءِ ڪرڻ خلاف مختلف تنطيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ايس يو پي اڳواڻ علي محمد ڏيري، جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي ۽ انور علي ڏيري جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين ۽ ڪارڪنن ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس انٽر جي شاگرد غلام مرتضى ڏيري کي هفتو اڳ گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي پوليس هٿان هاف فراءِ ڪرايو آهي.

هنن چيو ته شاگرد غلام مرتضى ڏيرو ڪنهن به ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث نه رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شاگرد غلام مرتضى ڏيري کي هاف فراءِ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*