ڪنڊياري ويجهو موريا مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

kandiyaro

ڪنڊياري ويجهو موريا مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

راشد ڪليري ۽ نورمحمد لاکير جي اڳواڻي ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڪوٽ غلام شاهه لنڪ روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

آبادگارن چيو ته موريا مائينر جي پڇڙي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي نه پهچڻ ڪري سندن فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض مائينر ۾ غيرقانوني لوليون لڳرائي ڇڏيون آهن، جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نه پهچي رهيو آهي.

آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته موريا مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي رشوت ۾ ملوث آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي وڃي، ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*