سيوهڻ ويجهو ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن شاگردن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا

  sehwansharif-mao22-8-15

   سيوهڻ ويجهو ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن شاگردن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته  2 ڄڻا زخمي ٿي  ويا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آمري ڀرسان انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  شاگرد طالب حسين رند ۽ سعيد خان رند فوت ٿي ويا، ڊرائيور فرار ٿي ويو.

آمري پل وٽ تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالقادر گوپانگ ۽ ناصر پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويا،2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس  ٻنهي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*