پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم نوازشريف کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ نعيم الحق چيو آهي

fawad chodhry

 پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم نوازشريف کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ نعيم الحق چيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد چاهين ٿا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو آهي ته  جي آءِ ٽي تي نظر آهي، هو چاهين ٿا ته وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي.

هن چيو ته نون ليگ وٽ پاناما فيصلي بعد ٻيو اپشن صرف چونڊون ڪرائڻ جو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم نوازشريف جاچ مڪمل ٿيڻ تائين استعيفيٰ ڏئي.

فواد چوڌري چيو ته پاناما سندن ذاتي ڪيس نه آهي پر عوام جو ڪيس آهي.

نعيم الحق چيو ته پي ٽي اءِ پاناما فيصلي جي صاف شفاف جاچ چاهي ٿي.

نعيم الحق چيو ته وزيراعظم نوازشريف کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*