پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته مريم نواز کي بچائڻ لاءِ طارق فاطمي ۽ رائو تحسين کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو

 ahtizaz hasan

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته مريم نواز کي بچائڻ لاءِ طارق فاطمي ۽ رائو تحسين کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، حمزه شريف جو پتو به ڪاٽيو پيو وڃي، مريم نواز کي پاناما ۽ ڊان ليڪس ٻنهي ۾ تحفظ ملي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ڊان ڊان ليڪس معاملي ۾ مريم نواز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو مريم نواز وزيراعظم نوازشريف جي وراثت کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم استعيفيٰ ڏني ته مريم نواز کي سندس جاءِ تي آندو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ظفر عباس ۽ سرل الميڊا جهڙن سٺن صحافين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني آهي.

اعتزاز احسن چيو ته چوڌري نثار جو اهو چوڻ درست آهي ته ٽوئيٽس زهر قاتل آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*