آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سري لنڪا جي هم منصب اي ڊبليو ڊسلوا سان ملاقات ڪئي

army cheif meet srilanka

 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سري لنڪا جي هم منصب اي ڊبليو ڊسلوا سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن دفاعي لاڳاپن ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سريلنڪا جي آرمي چيف جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ سري لنڪن فوج جي سربراهه کي دهشتگردن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف پاڪ فوج جي آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آرموجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سري لنڪن هم منصب جا پاڪستان آمد تي ٿورا مڃيا.

آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي فوجي سربراهن خطي جي سڪيورٽي لاءِ گڏيل دفاعي سهڪار جاري رکڻ تي بي اتفاق ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، سريلنڪن آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

سري لنڪا جي آرمي چيف چيو ته کيس يقين آهي ته پاڪستان دهشتگردي تي مڪمل ضابطو آڻي وٺندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*