ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط کي ڀارتي فوجين جي لاشن جي بيحرمتي واري معاملي سبب ٻيهر پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو

Abdul Basit

ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط کي ڀارتي فوجين جي لاشن جي بيحرمتي واري معاملي سبب ٻيهر پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو، عبدالباسط چيو آهي ته اهڙو واقعو ٿيو ئي نه آهي، ڀارت بنا جواز الزام نه هڻي.

 نئين دهلي پاران پاڪستان تي ڀارتي فوجين جي لاشن جي بيحرمتي ڪرڻ جو الزام لڳيا ويا آهن، جنهن کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيا آهن.

ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته پاڪستاني فوج هڪ انتهائي پروفيشنل ادارو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت بنا جواز الزام لڳائڻ کان پاسو ڪيو، جيڪڏهن وٽس ڪي ثبوت موجود آهن ته پاڪستان کي ڏي.

هن چيو ته پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي ڪا به ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي ۽ اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي.

عبدالباسط چيو آهي ته پاڪستان ڪنٽرول لائن تي امن قائم رکڻ جو خواهشمند آهي.

واضع رهي ته ڀارت پاڪستان تي پنهنجي فوجين جي مارجڻ ۽ انهن جي لاشن جي بي حرمتي جا الزام لڳايا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*