پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته نيپرا جي اختيارن تي ڪهاڙي هلائي وئي آهي

asad-umar15

 پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته نيپرا جي اختيارن تي ڪهاڙي هلائي وئي آهي، هاڻ نيپرا عوامي مفادن جي تحفظ جي قابل ناهي رهي، حڪومت عوام جي کل لاهي رهي آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته حڪومت شروع کان ئي نيپرا جي اختيارن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

سندس چوڻ هو ته اڳ حڪومت نيپرا کي بجلي ۽ پاڻي واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عدالت ان کي روڪي ڇڏيو.

هن چيو ته عوام کي بجلي جي فراهمي ۽ پيداوار ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت آئين جي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

اسد عمر چيو ته آل شريف قومي ادارن کي لٽي ۽ تباهه ڪري ڇڏيندا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*